بزم سچل

بزم سچل: علمي ادبي تنظيم ’بزم سچل‘ لاڙڪاڻي جو بنياد 1946ع ۾ استاد لقمان حڪيم وڌو ۽ پاڻ ان جو صدر مقرر ٿيو. بزم سچل جي ماهوار ۽ ساليانا مشاعرن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جا شاعر ۽ اديب شرڪت ڪندا هئا. استاد لقمان حڪيم کوکر جو جلد سازيءَ جو دڪان هو، جيڪو اديبن ۽ شاعرن جي تربيت گاهه هو. لقمان حڪيم هفتيوار ’الحيدر‘ ۽ هفتيوار ’انصاف‘ جي ايڊيٽر سميت ’جهونگار‘ رسالي جو انچارج پڻ هو. بزم سچل لاڙڪاڻي جا مشاعرا سندس ئي ڏنل طرحي مصرعن تي ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن غير طرحي مشاعرا به ٿيندا هئا. هن بزم جي مشاعرن ۾ سڄي سنڌ جا شاعر شرڪت ڪندا هئا.


لفظ بزم سچلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو